ڇپر ۾ ڇڙيون

ڇپر ۾ ڇڙيون

ڇپر ۾ ڇڙيون

ڇپر ۾ ڇڙيون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. جنهن تي مهاڳ خود مخدوم صاحب لکيو آهي، جڏهن ته تفصيلي مقدمو نامياري اديب اسدالله بيخود حسينيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته: ”هن مجموعي کي موضوعن جي لحاظ کان مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي. ڌڻي سڳوري جي واکاڻ ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ساراهه سان بيت توڙي ڪافيون شروع ڪيون ويون آهن ۽ پڇاڙي وڃي حقيقت تائين منزل رسي آهي.“ هن مقدمي ۾ مخدوم صاحب جي ادبي خدمتن تي تفصيلي بحث سان گڏ سندن شاعريءَ جي هر پهلوءَ تي جامع بحث ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1971ع ۾، ٻيو ڇاپو سال 1990ع ۽ ٽيون ڇاپو سيپٽمبر 2004ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشوري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 424 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 170 روپيا آهي.


لفظ ڇپر ۾ ڇڙيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو